ٻهڪندڙ ٻول ڪتاب جو ٽائيٽل

ٻهڪندڙ ٻول ڪتاب جو ٽائيٽل

ٻهڪندڙ ٻول

ٻهڪندڙ ٻول (ڪتاب ):هي ڪتاب اقوال زرين جي انسائيڪلو پيڊيا آهي، جنهن کي نبي بخش منگيءَ سهيڙيو آهي، هن ڪتاب ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم، اصحاب ڪرام، عالم ۽ دانشور، علم ۽ تعليم، انسان، زندگي، ڪردار ۽ دشمني، عقل، دنيا، سياست، ماءُ، اولاد، عورت، ڪوڙ ۽ ٻين ڪيترن اهم موضوعن تي دنيا جي عظيم مفڪرن ۽ ڏاهن جا قول شامل آهن. نبي بخش منگيءَ اقوال زرين جي موضوعن جي انتخاب ۾ نهايت نفاست ۽ عرق ريزيءَ کان ڪم ورتو آهي، تيئن انهن موضوعن تي عالمي ڏاهپ جي قولن ۽ چوڻين جي شاهڪار انتخاب ۾ به پاڻ موکيو آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2005ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ ڪراچي پاران شايع ڪيو ويو. پڪي جلد سان 272 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي.





هن صفحي کي شيئر ڪريو